ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪ سرزمين جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جنهن ڏينهن پارٽي مان ملڪ ۽ قوم مان نقصان پهتو، ان ڏينهن پنهنجي پارٽي ختم ڪري ڇڏينداسين، ڪراچي ۾ پي ايس پي بزنس فورم کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال، انيس قائم خاني ۽ ٻين چيو ته گذريل ۳۰ سالن کان ڪراچي تي هڪ مخصوص پارٽي حڪمراني ڪري رهي آهي، مهاجرن جي نالي تي جيترو به مينڊيٽ هيو، سمورو انهن کي ئي ڏنو ويو هو، ۲۲ آگسٽ جي تقرير کان پوءِ انهن ماڻهن جي زندگي مشڪلي ٿي وئي جيڪي سچا پاڪستاني هئا، غلطي هڪ ماڻهو ڪري سزا سنڀي کي نه ملڻ گهرجي، مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان اقتدار حاصل ڪرڻ نه پر ڀاءُ کي ڀاءُ سان ملائڻ آيا آهيون، اسان نفرتن کي ختم ڪرڻ آيا آهيون، هن چيو ته اسان پنهنجي حصي جي ڏيئي کي ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن چيو ته ۳۰ مارچ تي اسان جي جدوجهد کي هڪ سال مڪمل ٿيندو، نوجوان طبقو اسان طرف ڏسي رهيو آهي.