اسان جي فضائيا ثابت ڪيو ته اها دنيا جي بهترين ايئر فورس آهي؛بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تازي ڀارتي جارحيت جي حوالي سان پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي ساراهيون ٿا. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي پ پ چيئرمين ڀارتي جهاز ڪيرائيندڙ پاڪ فضائيا جي پائلٽ حسن صديقي کي خراج پيش ڪندي چيو ته اسان جي فضائيا ثابت ڪيو ته اها دنيا جي بهترين ايئر فورس آهي. بلاول ڀٽو زرداري لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار عبالرب ۽ خرم کي به خراج پيش ڪيو. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ کي دنيا نه سڃاڻيندي هوندي پر ننڍي کنڊ جا مسلمان گجرات جي ڪاسائيءَ کي چڱي ريت ڄاڻن ٿا، جنهن تي آمريڪا پنهنجي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي. پ پ چيئرمين تازي ڀارتي جارحيت جو ذميوار نريندر مودي کي قرار ڏيندي واضح ڪيو ته انتهاپسندي کي هٿي ڏيندڙ ڀارتي حڪومت سمجهي ٿي ته نفرت جي پرچار ڪري اها چونڊون کٽي ويندي، پاڪستان ڀارتي جارحيت گهٽائڻ ۾ سنجيدا ۽ هاڪاري رويو اختيار ڪيو. هن حڪومتي توڙي اپوزيشن پارٽين کي خراج پيش ڪندي چيو ته اهو لمحو فخر جوڳو آهي ته سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن ڀارتي جارحيت خلاف گڏيل ردعمل ڏنو، اسان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي خراج پيش ڪيون ٿا، جن ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو ۽ ملڪ جي جوهري ۽ ميزائل صلاحيت کي ترقي ڏني. بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو ته اپوزيشن جي ڪنهن به ميمبر وزيراعظم کي امن جي خواهش تي سيڪيورٽي رسڪ نه چيو، او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ضايع ڪيو ويو، جڏهن ته وزيراعظم ڀارتي پائلٽ کي موٽائڻ ۾ تڪڙ ڪئي. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم کي نوبل انعام ڏيڻ جي قرارداد جمع ڪرائي وئي، جيڪڏهن اها قرارداد ايوان ۾ منظور يا رد ٿئي ها ته پاڪستان تي عالمي سطح تي ٽوڪ ٿئي ها، سٺو ٿيو قرارداد واپس ورتي وئي، حڪومت هڪ ٻيو يوٽرن ورتو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت جو ڪو رُخ نظر نٿو اچي، معيشت جي بهتري لاءِ ڪي سڌارا ڏسڻ ۾ نه پيا اچن، بجيٽ ۾ هارين لاءِ ڪجهه ناهي ۽ ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظرانداز ڪيو ويو. هن چيو ته هڪ سال ۾ ٽيڪس 3 ڀيرا وڌايو ويو آهي، پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت جهڙن مسئلن تي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *