اسان جي سوچ اڃان نه بدلي ته ………!!

February 19, 2017 at 11:50 pm

حسن ناز سومرو

سنڌي قوم جي لاءِ اهو مشهور آهي ته هو امن پسند قوم آهي اجايو ڪنهن کي تنگ ناهن ڪندا، ايتري قدر جو هو آيل مهمانن جي خدمت ڪرڻ ۾ به  ڪثر ناهن ڇڏيندا ۽ اهوئي سبب آهي جو اڄ سنڌي قوم کي انهيء گناه جي سزا ڏني ملي رهي آهي، اڄ به توهان سنڌي ماڻهن سان هزارين زيادتيون ڪيو پر جي توهان هنن جي در تي لڙي ويندا ته هو سمورا ويڇا وساري توهان جو آڌر ڀاءُ ڪندا ۽ انهيءَ اسان جي قوم جي سوچ رکڻ جي ڪري اسين سنڌي ماڻهو ويڳاڻا ٿي ويا آهن، هتي سنڌ ۾ رهندي ڌارين جا غلام بڻجي ويا آهيون اسين هميشه پنهنجا ڏک سور وساري ٻين کي سک ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان جي بدلي ۾ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ڇا مليو آهي اها حقيقت اڄ پوري دنيا ڄاڻي ٿي پر جي ڪو نه ٿو ڄاڻي ته فقط اسان جي سنڌي قوم ئي نه ٿي ڄاڻي.

سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي، سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت، سنڌ ۾ وڌندڙ سنڌ دشمن پاليسيون اهي سڀ اسان جي قوم جي غلطين ۽ سادائپ جي ڪري اسان جي ڳچي ۾ پئجي ويون آهن، اسان وٽ حيدرآباد شهر جي ڀر سان هڪ ڳوٺ آهي جتي ڪجھ سال اڳ ۾ دهشتگردي جي ڪري دهشتگردن کي ڳوليو پئي ويو سو اسان جي ڪجھ سنڌي ماڻهن انهن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ دوستي نڀائيندي پناه ڏني هئي پر جڏهن معاملو نبري ويو ته انهن ڌارين کان پڇا ڪئي ويئي ته توهان کي هتي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن تڪليفون ڏنيون ته انهن ڌارين انهن ماڻهن جا نالا کنيا هئا جن هنن کي پناه ڏني هئي ۽ انهن ڀاڙين ۽ نمڪ حرامن کي ايتري ساڃاه نه ٿي هئي جو جتان جي نمڪ کاڌي هئائون انهن کي ئي نشانو بڻائڻ جي ڳاله ڪري رهيا هئا سو سنڌي ماڻهن هميشه پنهنجي ڪم عقلي جي ڪري مار کاڌي آهي جهڙي طريقي سان حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جن فرمايو هو ته يهود ۽ نثارا ڪڏهن به مسلمانن جا دوست نه ٿا ٿي سگھن ته اهڙي طرح سان سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ايندڙ ڌاريا به ڪڏهن سنڌي ماڻهن جا دوست نه ٿا ٿي سگھن.

سنڌ ۾ ڌارين اچي ڪري سنڌي قوم کي ڪيترو ذليل ۽ خوار ڪيو آهي ان جو مثال ملڻ ناممڪن آهي پر انهن ڌارين کي هتي آڻڻ ۾ اسان جي سنڌي ماڻهن جو ڪردار به اهم رهيو آهي توهان پڙهندڙن اها ڳاله ڪتابن ۾ ضرور پڙهي يا ٻڌي هوندي ته پاڪ و هند جي ورهاست کان پوءِ جڏهن مهاجر لڏي پاڪستان اچي رهيا هئا ۽ لاهور جي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا هئا ته انهن پنجاب ۾ پڇا ڪئي ته پاڪستان ڪهان هي …؟؟ ان ڳاله تي پنجاب جي ماڻهن انهن کي چيو هو ته پاڪستان آگي هي…..!! سو جڏهن اهي سنڌ ۾ پهتا ته سنڌي ماڻهن انهن کي ڀلي ڪري آيا چئي انهن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ايتري قدر جو انهن کي ڌنڌن روزگارن ۾ پڻ حصو ڏنو ۽ پنهنجن ئي گھرن ۾ رهڻ لاءِ جڳه ڏني ۽ هاڻي اهي ڌاريا ڪراچي کي سنڌي ماڻهن لاءِ نو گو ايريا بڻائي چڪا آهن ڪير به پچڻ وارو ڪونهين.

اسان جا ليڊر، اسان جا سياستدان جيڪي هميشه ويڪائو رهيا آهن ۽ چند ڏوڪڙن خاطر پنهنجو ايمان به وڪڻڻ لاءِ تيار بيٺا هوندا آهن سو انهن پنهنجي ذاتي مفاد خاطر پنهنجي ئي سنڌي کي پوئتي ڌڪي ڌارين کي اڳيان آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر جڏهن اهي سياستدان مرندا آهن ته وري به انهن جا ڪلهي ڪانڌي پنهنجا سنڌي ئي ٿيندا آهن نه ڪي ڌاريا………!!

پر پوءِ به اسان کي پنهنجي قوم جي حال تي رحم نه پيو اچي، اسان جي سنڌ هڪڙن ڌارين جو بار مس مس برداشت ڪيو ته وري مٿان نسواري قوم کي سنڌ جو رستو ڏيکاريو ويو ۽ آهستي آهستي اها نسواري قوم سنڌي ماڻهن مٿان به حاوي ٿي ويئي آهي ۽ اڄ اسين انهيءَ نسواري قوم جا به غلام بڻجي ويا آهيون، افغانستان جي خراب حالتن جي ڪري سمورا پٺاڻ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن سان گڏ سنڌ ۾ به موڪليا ويا پر انهن کي آخر ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو سو انهيءَ سوچ جو فائدو وٺندي ڪيترائي افغاني ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا رهواسي ٿي ويا باقي جيڪي هتان ويا ته اهي هتان جي ماڻهن کي عشق ۾ اهڙو ته گرفتار ڪري ويا جو اڄ ڏينهن تائين هتان جا سنڌي ماڻهو افغانستان ڏانهن منهن ڪري رڙيون ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته اسان ۾ تعليم ناهين اسين هر چمڪندڙ شيءِ کي سون سمجھندا آهيون، انهيءَ ڌارين جي آمد اڄ سنڌ ڌرتي جو سڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ سڌا سنوان غير ملڪي هٿ ملوث آهن باقي انهن کي ڪير استعمال ڪري رهيو آهي اهو وري هڪ الڳ سوال آهي …..؟؟

اسان جا نماڻا سياستدان جن کي پئسي جي ٻولي کان سواءِ ڪا به ڳاله سمجھ ۾ ناهين ايندي سو اهي ويچارا ڇا ڪن ، ٻه ڏينهن اڳ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن جي ليڊر سيد خورشيد احمد شاه ڪجھ اهڙا بيان جاري ڪيا جو اسين سمجھي ويا سين ته شاه صاحب ٻيو ته ڪجھ ڪونه ڪري سگھندو پر دهشتگردن کي پٽون ۽ پاراتا ضرور ڏيندو ۽ پوءِ ٿيو به ائين ئي ته قلندر لال شهباز جي مزار تي حملي ڪندڙن لاءِ شاه صاحب چيو ته بابا اسين ڇا ٿا ڪري سگھون سو قلندر شهباز پاڻ ئي انهن کي برباد ڪندو …..؟؟ سو شاه صاحب جي اهڙي بيان ٻڌڻ کان پوءِ سنڌي قوم کي اها ڳاله سمجھڻ کپي ته اڄ سنڌي قوم جو ڪير به وهي وارث نه رهيو آهي جيڪي اسان جا اڳواڻ آهن سو توهان جيڪڏهن انهن وٽ  دانهن کڻي ويندا ته اهي انهن ڏوهارين کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندا باقي هو پاڻ ڪري ڪجھ به نه سگھندا.

ان کان پوءِ وري پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاه قلندر شهباز جي مزار تي شهيد ٿيل ماڻهن  جي عضون کي گندي نالي ۾ اڇلائڻ واري سوال جي جواب ۾ چيو ته اهي عضوا بم جي شدت جي ڪري ٻه ڪلو ميٽر ٻاهر وڃي ڪريا آهن سو اهي ڪنهن اڇلايا نه آهن….!!  سو اسان کي اها ڳاله سمجھ ۾ نه پئي اچي ته اسان جا ليڊر آخر ڪيسيتائين اسان کي ۽ اسان جي قوم کي بيوقوف بڻائيندا رهندا.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ته ڇا پر پوري پاڪستان جي اها واحد جماعت هئي جنهن سنڌ ماڻهن مان مايوسي ختم ڪرائي انهن ۾ نئون حوصلو پيدا ڪيو هو پر جڏهن پيپلز پارٽي جي حقيقي اڳواڻ جي شهيد ٿي ويا ته تنهن کان پوءِ پارٽي خود در در جا ڌڪا کائي رهي آهي ڪڏهن هن پارٽي جو پٽڪو آصف زرداري ٻڌندو آهي ته ڪڏهن بلاول زرداري ٻڌندو آهي، ڪڏهن اهو ئي پٽڪو قائم علي شاه کي ٻڌرايو ويندو آهي ته ڪڏهن رحمان ملڪ تي رکيو ويندو آهي، ۽ اهو ئي پٽڪو ڪڏهن يوسف رضا گيلاني کي ٻڌرايو ويندو آهي ته ڪڏهن خورشيد شاه کي ٻڌرايو ويندو آهي ۽ اها پڳ هاڻي ڦرندي وتندي آهي پر ان پڳ کي اڃا اهو مٿو هٿ اچي نه سگھيو آهي جتي هو هميشه جي لاءِ بيهي رهي پر هاڻي سنڌي قوم کي پنهنجا ذهن کولڻا پوندا، سنڌ جي سڄڻن ۽ سنڌ جي دشمنن جي پرک ڪرڻي پوندي جي اڃان به سنڌي قوم اکيون نه کوليون ۽ خالي کوکلن نعرن جي پوئواري ڪئي ته پوءِ سنڌي قوم کي تباه ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگھندو.

*******

 

اي پيپر