اسان جي سمورن اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز ۽ ٻئي ضروري سامان سان ليس آهن:ناصر حسين شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات ۽ مڪاني ادارن، جنهگلي حيات ۽ ٻيلن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه  چيو آهي ته اسان جي سمورن اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز ۽ ٻئي ضروري سامان سان ليس آهن اهو تاثر غلط آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشورو جي علائقن کان علاوه ڪٿي به سهولتون ميسر ناهين اهو سڀ ڪجھ سنڌ حڪومت جي خلاف هڪ منصوبابندي جي تحت ٿي رهيو آهي. اها ڳالھ هن اڄ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪئي. هن چيو ته اهو سڀ ڪجھ سنڌ حڪومت جي خلاف جاري مهم جو حصو آهي سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي پر ان جي رستي ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن ۽ مختلف طريقين سان انهن جي سٺن ڪمن کي به خراب ڪري پيش ڪيو پيو وڃي سيد ناصر حسين شاھ چيو ته اهو صرف ان ڪري ڪيو پيو وڃي جو مراد سعيد مهم جو حصو ۽ سندس سياست آهي ته هو سنڌ حڪومت جي خلاف الزام تراشي ڪري. هن چيو ته مراد سعيد جيان هڪ ٻيو وزير شهباز گل به سنڌ حڪومت جي خلاف بيان بازي شروع ڪئي آهي. هن چيو ته ٽيسٽ ڪٽس سيد مراد علي شاھ ۽ سيد ناصر حسين شاھ رد ناهين ڪيون پر جيڪي ان ڪم جا ماهر آهن جن ۾ آغا خان ۽ ٻين اسپتالن جا ماهر شامل آهن انهن ان کي رد ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *