اسان جي زندگي ۽ رت پاڪستان جي لاءِ آهي: آرمي چيف

 راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته اسان جي زندگي ۽ اسان جو رت صرف پاڪستان جي لاءِ ئي آهي. آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب گذريل ڏينهن دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويل پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ خاور شهيد ۽ نائيڪ شهزاد شهيد جي جنازي نماز ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ڪمانڊر آرمي ايئر ڊيفينس ليفنيننٽ جنرل زاهد لطيف به شرڪت ڪئي. جنازي نماز کان پوء ٻنهي شهيدن جي ميتين کي سندن اباڻن علائقن ڏانهن نيو ويو جتي پوري فوجي اعزاز سان کين دفنايو ويندو. آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان جي زندگي ۽ اسان جو رت پاڪستان جي لاءِ آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن بنون جي علائقي جاني خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ ڳجهن ادارن پاران ڪيل آپريشن ۾ ۴ دهشتگرد مارجي ويا هئا، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو آفيسر ۽ اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *