ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت سنڌ پوليس کي جديد اوزارن، هٿيارن ۽ بهترين سکيا فراهم ڪئي آهي ۽ سموريون ڀرتيون نج ميرٽ تي ڪيون ويون آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن موجب پوليس ۾ 310 نوان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز (اي ايس آئي) جي تعيناتي پهرين مرحلي ۾ آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ اقليتي ڪوٽي مان وڌيڪ اي ايس آئيز جي جلد مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته مونکي يقين آهي ته نوان تعينات ٿيندڙ اي ايس آئيز صوبي جي عوام جي ايمانداري ۽ محنت سان خدمت ڪندا ۽ پنهنجي 30 کان 35 سالن واري ڪيريئر ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندا. اها ڳالهه هن خميس ڏهاڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تقريب ۾ چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه، صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير جا صلاحڪار نثار کهڙو، مرتضيٰ وهاب ۽ اعجاز جکراڻي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو عثمان چاچڙ، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير نون شامل ٿيندڙ اي ايس آئيز کي واڌايون ڏيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي بهترين پوليسنگ جي ضرورت آهي ۽ اوهان جي چونڊ نج ميرٽ تي ڪئي وئي آهي تنهن ڪري اوهان کي پنهنجين صلاحيتن ذريعي بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان جو 30 کان 35 سال ڊگهو عرصو سروس ڪيريئر آهي ۽ اوهان منجهان ڪيترن ئي ڊي آئي جي ۽ ايڊيشنل آئي جي جي حيثيت حاصل ٿيندي. هن ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ايس پي يس سي جي چونڊيل اي ايس آئيز کي بهترين سکيا ڏين ته جيئن اهي پوليس جا سٺا آفيسر بڻجي سگهن. مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته سنڌ پوليس ۾ پوليس ڪانسٽيبل جون 6000 کان وڌيڪ سيٽون خالي پيون آهن. هن پوليس کاتي کي پنهنجيون ڀرتيون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري ملازمت ۾ ڀرتي جو عمل گهڻو پيچيدا هو ته ڄاڻايل اي ايس آئيز کي 2016 ۾ ريڪوزيشن ڪئي وئي هئي جڏهن ته 2019 جي آخ ۾ انهن جي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو ۽ فيبروري 2020 ۾ انهن کي آفر ليٽر ڏنا پيا وڃن. جيڪڏهن ان ڊگهي طريقيڪار کي آسان نه بڻايو ويو ته اميدوار پنهنجي سروس ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي ريٽائرمينٽ حاصل ڪري وٺندا.