ملتان: (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان جي تحريڪ ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي.پي ڊيم ايم جي اڳواڻ ملتان ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سڀ ڏسي رهيا آهن ته ملڪ جون حالتون ڪهڙي طرف وڃي رهيون آهن. عوام موجوده حڪومت کان بيزاري جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي. گوجرانوالا، ڪراچي ۽ ڪوئٽه ۾ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪا تحريڪ جي ڪاميابي جو وڏو ثبوت آهي.