اسان جي ارادن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ عوام جي ترقي جا دشمن آهن: نواز شريف

کيوڙه(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته رڳو مسلمانن جي نه پر پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن مذهبن جي ماڻهن جو وزير اعظم آهيان. پاڪستاني سياست ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي روز هڪ نئون الزام لڳائيندا آهن، ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي ۽ ڪي پي ڪي ۾ به موٽر اسان بڻائي رهيا آهيون. تاريخي مقام ڪٽاس راڄ تي رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته مخالف جيڪڏهن پاڻ چون ته منصوبن تي انهن جا نالا لکي ڇڏينداسين، ايتري مهرباني ڪري سگهون ٿا ” الحمد اللهه رب العالمين“ چيو ويو، اهو ناهي چيو ويو ته ” رب المسلمين“ الله جي رسول صه مسيحي بادشاهه نخاشي کي به سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو ڇو ته هن مسلمان اقليت سان گڏ حسن سلوڪ رکيو، وزير اعظم چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمانن جو وزير اعظم نه پر سمورن پاڪستانين جو وزير اعظم آهيان. هن چيو ته هندو قوم جي لاءِ هي هڪ مقدس جاءِ آهي، پر ان سان گڏوگڏ سک، ٻڌ مت ۽ اسلام سميت چئني مذهبن جو سنگم به آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *