لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته الله ڪري چونڊن جي نتيجي ۾ هن ملڪ کي ايماندار وزيراعظم نصيب ٿئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس (ر) فخر النساءَ کوکر جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته مان توهان سان واعدو ڪيو هو ته چونڊون ٿينديون ۽ وقت تي ٿينديون، قوم سان واعدو ڪيو هو ته جيستائين سپريم ڪورٽ آهي جمهوريت تي ڇيهو نه اچڻ ڏيندس، عدليا ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بالادستي کي قائم رکندي ۽ جمهوريت جو علم بلند رهندو. هن چيو ته اسان عملي طور ماڻهن کي انصاف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جي اداري کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عدليا جي بدنامي پاڪستان لاءِ المناڪ ڏينهن هوندو ۽ جيڪڏهن اسان جو ادارو ڪمزور ٿي ويو ته ملڪ ڪمزور ٿي ويندو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي 15 ڏينهن جي ڪوشش سان ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم جي شروعات ٿي، اهي ڊيم ٺهڻ سان پاڪستان ۾ بهتري ايندي. ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن سان ان انصافي نه ڪنداسين، جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان به انصاف ٿيندو.