لاهور (اين اين آءِ) لاهور هاءِ ڪورٽ سيشن عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس مسلسل منتقل ڪرڻ خلاف درخواستن تي مدعي جي وڪيل کي سومر تي وڌيڪ بحث لاءِ طلب ڪري وتو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان جو سسٽم تباهي جي ڪناري پهچي چڪو آهي، رڳو 2 سيڪڙو وڪيلن سڄي سسٽم کي مفلوج ڪري ورتو آهي، جڙانوالا ۾ وڪيل جج کي ڪرسي هڻي زخمي ڪري ورتو، ڪنهن کي عدالتون هاءِ جيڪ ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سيد مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ 3 ميمبرن واري فل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پراسيڪيوٽر جنرل سيد احتشام قادر شاهه عدالتي مدد تي دليل ڏنا، جڏهن ته جوابدار نويد حسين پاران سيد فرحاد علي شاهه ايڊووڪيٽ پيش ٿيو، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ريمارڪس ڏنا ته دير جي حوالي سان عدالتن کي اهو معاملو ڏسڻ گهرجي، جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ ڊگهيون تاريخون نٿيون ڏنيون وڃن ته ٽرائيل ڪورٽس کي به عدليا جي تڪليد ڪرڻ گهرجي، هتي ماڻهو ويهي عزت ڪرائي رهيا آهن جيڪو شايد الله جو ڪرم آهي، ٻي صورت ۾ حالتون خراب آهن، 2 سيڪڙو وڪيلن سڄي سسٽم کي مفلوج ڪري ورتو آهي، وڪيلن جي سٺي تربيت نه پئي ٿئي، 98 سيڪڙو وڪيلن جو فرض آهي ته اهي سسٽم کي بهتر ۽ عوام جي حق لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پراسيڪيوٽر چيو ته هن وقت بهتر موقعو آهي، اهڙو تفصيلي فيصلو ڏيو جيڪو 36 ضلعن جي ججن لاءِ مثال هجي، جسٽس مظاهر علي نقوي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي عدالتن کي هائيجيڪ ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان رڳو الله جي رضا لاءِ ڪم ڪريون ٿا، ڪو ماءُ اهڙو پٽ نه ڄڻو آهي جيڪو اسان کي فيصلي ۾ هڪ نقطو هيڏي هوڏي ڪرائي سگهجي، فاضل جج وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته روس جي تباهي جو وڏو سبب اتي اهم عهدن تي نااهل ماڻهن کي ويهاريو ويو، اسان جو سسٽم به تباهي جي ڪناري پهچي چڪو آهي، جيڪڏهن جوڊيشل سسٽم ختم ڪيو وڃي ته ملڪ جهنگ بڻجي ويندو، فل بينچ سومر تي مدعي جي وڪيل کي وڌيڪ دليل لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.