اسان جو احساس پروگرام مديني جي ماڊل تي آهي، عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو بار وجهڻ نه ڏينداسين:وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اوگرا گئس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو آهي ته هاڻي ڪجهه به ٿي پوي، بجلي ۽ گئس مهاني نه ڪئي ويندي. اوگرا طرفان مارچ مهيني لاءِ آر ايل اين جي جي اگهن ۾ اضافي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سُئي ناردرن گئس ڪمپني لاءِ آر ايل اين جي جو اگهه 0.17 ڊالر في ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو، جڏهن ته سُئي ناردرن گئس لاءِ آر ايل اين جي اگهن ۾ به 0.17 ڊالرز في ايم بي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي. اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب مارچ ۾ سئي ناردرن ۽ سئي سدرن گئس ڪمپني جي سسٽم تي آر ايل اين جي جو اگهه 11.36 ڊالر في ايم بي ٽي يو آهي. فيبروريءَ مهيني ۾ ٻنهي ڪمپنيز لاءِ آر ايل اين جي اگهه 11.19 ڊالر في ايم بي ٽي يو هو. ٻئي پاسي پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته توڙي جو قرضن جي ڌنڌي ۾ ڦاٿل آهيون، تڏهن به فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي بجليءَ جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو، عوام هاڻي اهو بار برداشت نٿو ڪري سگهي، بجليءَ ٺاهيندڙ ڪمپنيز سان به ڳالهيون ڪيون وينديون. هاڻي اهڙا قدم کنيا ويندا، جنهن سان بجلي سستي ٿئي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت گئس جو 15 سالن لاءِ معاهدو ڪيو ۽ جيتري اگهه تي معاهدو ٿيو آهي، اُن جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو دنيا ۾ گئس خريد ڪري سگهجي ٿي، پر ڪجهه به ٿي پوي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ اضافو نه ڪيو ويندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان وٽ جنهن قيمت تي بجلي ٺهي رهي آهي، اها ڏاڍي مهانگي آهي، اسان ان قيمت تي بجلي نٿا کپائي سگهون، اسان جي حڪومت آئي ته تاريخي گردشي قرض هئا، تنهن ڪري مجبوري ۾ قيمتون وڌايون، اسان قيمتون وڌائينديون آهيون ته ماڻهن تي بار پوندو آهي، تنهن ڪري اسان هيٺئين طبقي لاءِ قيمتون نه وڌايون، اسان قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون پر فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ بجلي جو اگهه نه وڌندو، اسان جا ماڻهو هاڻ بار برداشت نٿا ڪري سگهن، هر اهو ڪم ڪنداسين، جنهن سان بجلي جو اگهه گهٽجي، بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين.عمران خان موجب گذريل حڪومت گئس جو 15 سالن جو معاهدو ڪيو آهي ۽ جيتري قيمت تي معاهدو ٿيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو دنيا ۾ گئس خريد ڪري سگهجي پر اسان نٿا خريد ڪري سگهون، ان باوجود ڪجهه به ٿئي گئس ۽ بجلي جون قيمتون نه وڌائينداسين پر گهٽ ڪنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *