اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽ ڪيس جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنج جعلي بئنڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي ڊي جي ايف آءِ اي، انور مجيد ۽ آصف علي زرداري جا وڪيل عدالت ۾پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران انور مجيد فيملي جي وڪيل شاهد حامد ۽ اعتزاز احسن جي آءِ ٽي جوڙڻ خلاف دليل ڏنا جنهن بعد عدالت جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو جن جي ميمبر جي نالن جو اعلان بعد ڪيو ويندو. چيف جسٽس چيو ته اسان جي آءِ ٽي جوڙي رهيا آهيون جيڪا هر 15 هين ڏينهن رپورٽ ڏيندي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ جو پڻ حڪم ڏنو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ بيان ريڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اومني گروپ ڪراچي جي آفيس تي ڇاپو هنيو جنهن دوران ڪام ڪرائون ڪمپني دبئي جا دستاويز مليا جنهن بعد ڪمپني جي دبئي واري آفيس تي ڇاپو هنيو ته بيشمار پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن جو ريڪارڊ هٿ لڳو. ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو ته دبئي ڪمپني مان ملندڙ اڪائونٽ پڻ انهن جي خاندان(انور مجيد) جا آهن . پيسا انگلينڊ ۽ فرانس پڻ موڪليا ويا. ڊي جي ايف آءِ اي موجب ڇاپي دوران ڪيتريون ئي هارڊ ويئر ڊرائيوز پڻ مليون آهن جن ۾ تمام گهڻي ڊيٽا آهي، ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي ان ڊيٽا کي چيڪ ڪري سگهن جنهن تي بشير ميمڻ چيو ته اسان جو سائيبر ڪرائم ونگ ان تي ڪم ڪري رهيو آهي ڊيٽا تمام گهڻي آهي. چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته ان معاملي تي اسان کي جي آءِ ٽي جوڙڻ گهرجي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ تي ڪنهن کي اعتراض ته ناهن؟ چيف جسٽس چيو ته ڪنهن کي ڪهڙو اعتراض هوندو، جوابدارن کي ته ڪلين چٽ ملڻ گهرجي ان معاملي سان جوابدارن جو ته واسطو ئي ناهي ان موقعي ته انور مجيد جي وڪيل شاهد حامد چيو ته اسان جي آءِ ٽي بابت درخواست ڏئي ڇڏي آهي ان کي ڏسي وٺو. چيف جسٽس ان موقعي تي چيو ته وڏي وزير جي انور مجيد سان ڳالهه ٻولهه پڻ موجود آهي، چيو ويو ته انور مجيد وڏي وزير جي گهر وڃي رهي، توهان چئو ته رهڻ ڏيون، اسان ڪيس کي پنجاب منتقل ڪري ڇڏيون ٿا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار وڪيل سان مڪالمي دوران چيو ته اسان جعلي اڪائونٽن جي اڳ ڪيل جاچ بجاءِ جي آءِ ٽي کان جاچ ڪرائي وٺون ٿا، 35 ارب رپين جي فراڊ جو معاملو آهي، شفاف جاچ چاهيون ٿا. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اسان وڌيڪ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏيون ٿا، قوم جو به بنيادي حق آهي ته سندن لٽيل پيسو واپس آندو وڃي.ان موقعي تي ته انور مجيد فيملي جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ سياسي ماڻهن جي شموليت سان اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته جيئن ڪرپش ڪئي وئي، هر ٻڌڻي بعد ميڊيا تي پٽڪا لاٿا ويندا آهن، جاچ اداري کي عدالت ڪيئن چئي سگهي ٿي ته هيئن جاچ ڪيو ۽ هيئن نه. وڪيل شاهد حامد چيف جسٽس سان مڪالمي ۾ چيو ته توهان جو اهڙو ڪهڙو حق آهي جو آئين ۾ آهي ۽ پائمال ڪيو پيو وڃي