اسان ثابت قدم رهي ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ واري قوم آهيون: آرمي چيف

September 22, 2017 at 8:04 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

راولپنڊي (م ڊ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته اتر وزيرستان ۾ تاريخي ۽ ڪامياب ايونٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان ثابت قدم رهي ڏکيائين تي ضابطو آڻڻ واري قوم آهيون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، پشاور زلمي، ميڊيا ۽ فاٽا جي بهادر ماڻهن جو تاريخي ميچ منعقد ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته اتر وزيرستان ۾ امن جي فتح ٿي

آهي ۽ هي نئون پاڪستان ۽ نئون اتر وزيرستان آهي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته اسان امن پسند قوم آهيون ۽ اڄ دنيا ڏسي ورتو حوصلي واريون قومون ڪهڙيءَ طرح ڏکين حالتن تي ضابطو آڻينديون آهن، اڄ جي ايونٽ بعد اهو ثابت ٿي ويو ته اسان ثابت قدم رهي ڏکيائين تي ضابطو ڪرڻ واري قوم آهيون.

اي پيپر