ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪي ارڙهين ترميم جي خلاف آهن اهي ڏسي وٺن اسان ان لاءِ هر حد تائين وينداسين. سنڌ اسمبلي۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته طئي ڪيو وڃي ته صحت صوبائي معاملو آهي يا وفاقي، اين آءِ سي وي ڊي 60 جي ڏهاڪي ۾ ٺهيو، 2010ع ۾ وفاقي حڪومت اهو ادارو سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت اين آءِ سي وي ڊي کي رڳو 70 ڪروڙ رپيا ڏيندي هئي، اسان دل جي بيمارين واري قومي اداري جي بجيٽ وڌائي 13 ارب رپيا ڪري ڇڏي آهي. مراد علي چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مفت اينجيوگرافي ڪئي آهي، پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن اسان ڊاڪٽرن کي ڪڍنداسين، هو اداري جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاهن ٿا. وڏي وزير چيو ته اسان کي قانونسازي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اسان وڏي محنت ۽ قيادت جي ويزن سان ادارا ٺاهيا، اسان انهن ادارن کي ڪڏهن به تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، سندس چوڻ هو ته پورو يقين آهي ته اين آءِ سي وي ڊي واپس ملندو، جناح اسپتال الڳ ٿي ويندي ته جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو ارڙهين ترميم خلاف آهن اهي ڏسي وٺن، اسان 18 هين ترميم لاءِ هر حد تائين وينداسين، وزيراعظم طرفان فنڊ ڏيڻ واري ڳالهه تي مونکي جواب ناهي مليو، آئين چوي ٿو ته صحت صوبائي معاملو آهي، اسان پنهنجو حق ڪنهن به کسڻ نه ڏينداسين، بل جي منظور لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن مخالف ڌر ساٿ ڏيندي ته اسان پنهنجي عددي اڪثريت سان قانونسازي ڪنداسين.