اسان احتساب کان ڀڃڻ وارا نه آهيون نه ئي ڪنهن ڪرپٽ کي ڇڏينداسين : فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته رهبري ڪميٽي جنهن کي خود رهبري جي ضرورت آهي، اسان پنهنجي موقف ۽ نظريي تي قائم آهيون، ٻين وانگر احتساب کان ڀڃڻ وار نه آهيون، وزيراعظم قانون جي بالادستي ۽ بنا فرق احتساب جو دائي آهي، ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته مسلسل چور مچائي شور فلم جو فلاپ شو پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي يرغمال ڪرائي اثرانداز ٿيڻ جي ناپاڪ ڪوشش جي سخت مزمت ڪريون ٿا، هن چيو ته سموري قوم شاهد آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت جنهن کي صادق امين قرار ڏنو ۽ ڪير بد نيت ثابت ٿيو. اسان پنهنجي موقف ۽ نظريي تي قائم آهيون،رهبري ڪميٽي  کي خود رهبري جي ضرورت آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *