اسان ئي اي ڊي خواجا کي مقرر ڪيو هو، مسئلا پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون: سعيد غني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پيپلز پارٽي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اسان ئي اي ڊي خواجا کي مقرر ڪيو هو، نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته اميد نه هئي ته اي ڊي خواجا ڪجهه غلط ڪندو، آءِ جي جي پوزيشن اهڙي ناهي جو الڳ رهي ڪم ڪجي، ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا آءِ جي سنڌ جو بيوروڪريسي ۽ وڏي وزير سان رابطو رهندو هيو، پيپلز پارٽيءَ خوشيءَ سان اهو نه چاهيندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڏکيايون پيدا ٿين، يا جن سان پيپلز پارٽي جو اميج خراب ٿئي، جيڪڏهن اهڙيون شيون ٿي رهيون آهن ته انهن سان پيپلز پارٽي کي نقصان ٿي رهيو آهي، ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جن ۾ سڄو ڏوهه اسان جو ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *