خيرپور (ڊ ر) پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ چيف پيٽرن نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالر شپ بورڊ خيرپور ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته اسانجي اها ڪوشش آهي ته ملڪ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ خيرپور واسي شاگردن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو هڪ ڪامياب شهري جي حيثيت سان خيرپور جي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سچل آڊيٽرويم هال ۾ نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ بورڊ جي سهڪار سان 1557 شاگردن ۾ هڪ ڪروڙ 81 لک 55 هزار رپين جي مالي سهائتا جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته صوبي سميت ضلعي جي نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻين کي تعليمي سرگرمين لاءِ بورڊ جي سهڪار سان مالي مدد واري نظام ۾ جديد گهرجون مڪمل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران فنڊنگ پڻ ڪئي وڃي ٿي. ڊاڪٽرنفيسه شاهه اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر محمد عباس بلوچ ۽ منور علي مٺياڻي پاران اسڪالرشپ بورڊ لاءِ کنيل قدمن تي کين خراج پيش ڪندي چيو ته سندس والد اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي دور ۾ بورڊ ٺاهيو ويو جنهن جي شروعات 2 لک رپين سان ڪئي وئي هاڻي بورڊ جو فنڊ ڪروڙين رپين تائين پهچي چڪو آهي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه بورڊ جي چئيرمين ڊي سي جاويد علي جاگيراڻي پاران گهٽ وقت ۾ پئسن جي ورهاست واري نظام کي حتمي شڪل ڏيڻ تي سندس ساراهه ڪئي. هن ڊي سي خيرپور ۽ بورڊ جي ٻين ميمبرن کي هدايت ڪئي ته ميرٽ کان هيٺ جيڪي شاگرد آهن انهن لاءِ پڻ ميڪنزم ٺاهيو وڃي جڏهن ته جيڪي شاگرد تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا انهن جو حوصلو وڌائڻ لاءِ پڻ پروگرام ترتيب ڏنو وڃي. ڊاڪٽر نفيسه شاهه هال ۾ ويٺل شاگردن کي هدايت ڪئي ته هو تعليم ۽ محنت سان پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ڌيان سان تعليم حاصل ڪري پنهنجي ضلعي جي غريب، مستحق ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪن ته جئين اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪيون. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جاويد علي جاگيراڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي واحد ضلعو آهي جتي اسڪالر شپ بورڊ تحت شاگردن کي تعليمي سرگرمين لاءِ مالي مدد فراهم ڪئ وڃي ٿي هن بورڊ ۾ جديد طريقي ڪار سان ڪم ڪرڻ بابت پنهنجي سهڪار جو يقين ڏياريو. بورڊ جي سيڪريٽري ڊاڪٽر فرخ امتياز ڀنڀرو بريفنگ ۾ ٻڌايو ته بورڊ کي 107 مختلف ڪاليجن، يونيورسٽين جي شاگردن پاران 2200 کان وڌيڪ درخواستون مليون جنهن مان بنا ڪنهن فرق جي 1557 شاگرد ميرٽ لسٽ منتخب ٿيا آهن جنهن ۾ انٽر، گريجويٽ، ماسٽر، پي ايچ ڊي ۽ ايم فل جي شاگردن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي.