ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ گهرجن: وسيم اختر

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن کي سدائين نظرانداز ڪيو ويو، ڪنهن به حڪومت ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو آهي.  تفصيل موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي ميئر وسيم اختر سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي جي مسئلن کي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو آهي ته ڪراچي جو شمار دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٿيندو آهي پر شهر ۾ سيورج، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. وسيم اختر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هوءَ ڪراچي جا مسئلا حل ڪري پر هن سياسي طور تي ڪراچي کي ڇهن ضلعن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي، جڏهن  اختيار ورهائجي ويندا ته پوءِ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ اختيارن بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت 10 کان 11 بجيٽ پيش ڪري چڪي آهي، ڪراچي ۾ ميئر جا اختيار 10 کان 12 سيڪڙو کان وڌيڪ ناهن، صرف پگهارن ۽ پينشن کانسواءِ ڪو به اختيار ناهي، وڏا اختيار سنڌ حڪومت پاڻ وٽ رکيون ويٺي آهي. ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ته يونيورسٽي روڊ جي اڏاوت دوران ڊرينج، پاڻي جي مسئلن کي حل نه ڪيو ويو، ڪراچي ۾ سيوريج، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٽرانسپورٽ وارو نظام تباهه آهي.  ڪراچي جي ميئر سپريم ڪورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ملڪ جي اعليٰ عدالت چيو ته ڪراچي سنڌ سميت سڄي ملڪ کي هلائيندو آهي، ڪراچي تباهه ٿي چڪو آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي مالڪي نه پيون ڪن. وسيم اختر چيو ته سيوريج جو نظام ۽ واٽر بورڊ ڏسندو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي، اختيار ۽ فنڊ هيٺين سطح تائين منتقل ناهن ڪيا ويندا، ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ گهرجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *