اسلام آباد ( بيورو ) پ پ اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم تي تنقيد ڪرڻ تي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. پ پ طرفان نويد قمر، نواب يوسف ٽالپر، ڊاڪٽر نفيسا شاهه ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. التوا واري رٿ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مفتاح اسماعيل اين ايف سي ايوارڊ ۽ ارڙهين ترميم تي تنقيد ڪئي. رٿ ۾ چيو ويو ته پ پ صوبائي حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي جي حق ۾ ناهي، عالمي مالياتي ادارن جي اشاري تي ڪيل ڪنهن به قسم جي قدم جي مخالفت ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ارڙهين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي ويندي.