گهوٽڪي(رپورٽ عرفان علي سومرو) ڪراچي ۾ ارشاد راجھاڻي کي بيدردي سان قتل ڪرڻ خلاف واري واقعي خلاف ضلعي گهوٽڪي ۾ سياسي سماجي ڌرين جست،قومي عوامي تحريڪ،ايس ٽي پي،ايڇ آر پي ايف،وڪيل برادري،شهرين سميت ٻين تنظيمن جا ڪارڪون روڊن تي نڪري آيا،قاتل رحيم شاهه جي گرفتاري لاءِ گهوٽڪي،ميرپورماٿيلو،ڏهرڪي،مومل جي ماڙي سميت ٻين شهرن ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج،بک هڙتال،ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون،جوابدار خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي،فورن دهشتگرد رحيم شاهه کي گرفتار نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ اندر احتجاجن سميت نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو چتاءُ.خبرموجب ڪراچي جي علائقي بحينس ڪالوني ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ارشاد راجھاڻي جي قاتل رحيم شاهه جي گرفتار لاءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان گهوٽڪي ضلعي ۾ به سياسي سماجي ڌرين جا اڳواڻ روڊن تي نڪري آيا گهوٽڪي ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي ايڊوڪيٽ سيد قمبر علي شاهه،سدام چند،جنيد سومرو،امتياز ملهاڻو، شهرين جو نصرالله ڪلادي،احسان ڪلادي،جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ديدار حسين چاچڙ،قومي عوامي تحريڪ جي حسين ملڪ،سيف عباسي،ماجد ابڙو،نويد علي شاهه، ۽ ٻين جي اڳواڻي،ميرپورماٿيلو ۾ جيئ سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سهيل ڪلوڙ،فقير رمضان ڪلوڙ،ايس ٽي پي جي اڳواڻ زاهد ميراڻي،خالد لاکو،مومل جي ماڙي سول سسائيٽي جي شاهه خالد،مهراڻ سنڌي،لياقت بوزدار، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون،جڏهن ته ڏهرڪي ۾ انساني حقن جي تنظيم پاڪستان هيومين رائيٽس فورم جي اڳواڻن پاران علي مراد ميراڻي،عرفان علي سومرو،خالد حسين ميراڻي،محمد عمران ڪانڃون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سنڌين جي آهي پر ان جي باوجود به سنڌي قوم سان ماٽي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي،ارشاد راجھاڻي جو قتل پوري سنڌي قوم جو قتل آهي هنن چيو ته سنڌي قوم رحم دل آهي جنهن ڪري ڌاريا هتي آباد ٿي ويا آهن جڏهن ته سنڌ جي ڌرتي تي رهندڙ ڌاريا هاڻي سنڌي ماڻهن جا دشمن بڻجي انهن کي سريعام قتل ڪري رهيا آهن هنن چيو ته يوسي چيئرمين دهشتگرد رحيم شاهه بيدردي سان وچ شهر ۾ سريعام قتل ڪيو آهي پر ان جي باوجود به حڪومتي ڌر جا ماڻهون ان جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن جنهن ڪري هو آزاد گهمي رهيو آهي هنن چيو ته قاتل رهيم شاهه کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سريعام ڦاهي تي نه لٽڪايو ويو ته پوري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪرڻ سميت نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو،مظاهرين چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو،