ارسا به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇوڙ زيان قرار ڏئي ڇڏيو، ٿل ڪينال فيز 2 تي سنڌ جا اعتراض رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پاڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کان پوءِ ارسا به ڪوٽڙي کان هيٺ ويندڙ پاڻي کي زيان قرار ڏيندي هر سال 29 ارب ڊالرن جي ماليت جو 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي فيز 2 ۽ 3 جي منصوبن تي سنڌ پاران اعتراض واريو جنهن کي پنجاب توڙي وفاقي حڪومت بي بنياد قرار ڏئي رد ڪيو ويو آهي، سينيٽ جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس يوسف باديني جي صدارت ۾ ٿيو، 991ع ٺاهه تحت پاڻي ورڇ بابت پنجاب جي مقرر ميمبر رائو ارشاد بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي، هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي معاشي قيمت هڪ ارب ڊالر آهي، هن چيو ته پاڻي موجودگي ۾ اضافو رڳو ملڪ اندر ڊيم ٺاهي ڪري سگهجي ٿو، هر سال مجموعي طور تي 29 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو، جنهن جي قيمت 19 ارب ڊالر ٿئي ٿي، اهو پاڻي اسان ڊيم ٺاهي گڏ ڪيون ته وڌيڪ زمينون آباد ڪري سگهون ٿا،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *