اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اردن جي شاهه عبدالله وزير اعظم عمران خان کي فون ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي حل لاءِ ثالثي جي آڇ ڪئي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب اردن جي شاهه عبدالله وزير اعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزير اعظم عمران خان هائوس جي ترجمان اردن جي شاهه عبدالله کي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوشس بابت آگاهه ڪيو. عمران خان شاهه عبدالله کي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهم مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عمران خان چيو ته حڪومت جي ايجنڊا امن کي هٿي ۽ پاڪستان جي غريب عوام جي خوشحالي آهي جڏهن ته ڀارت جو جنگي جنون خطي جي امن لاءِ خطرو آهي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب اردن جي شاهه عبدالله وزير اعظم عمران خان جي اسٽيٽ مين جي سوچ تي واڌايون ڏنيون ۽ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ جي لاءِ ثالثي جي آڇ به ڪئي. وزير اعظم عمران خان اردن جي شاهه عبدالله جي ثالثي واري آڇ تي سندس ٿورا مڃيا ۽ هن کي پاڪستان جي دوري جي به دعوت ڏني.