اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان پي سي بي ايل انتظاميه ۽ پنجاب جي تعاون واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته اداري جي ملڪيتن سان لاڳاپيل ڪيسن جي جلد فيصلي لاءِ تڪڙيونڪوششون ڪيون وڃن ۽
ڏس ۾ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن موجوده حڪومت ڏکين حالتن ۾ حڪومت سنڀالي معيشت جي بهتري لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ ضروري هو عوام کي رليف فراهم ڪرڻ، معاشي عمل تيز ڪرڻ ۽ خاص ڪري نوجوانن لاءِ نوڪرين جاموقعا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻيونپونديون وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب صوبي ۾ سرڪاري زمين کي فلاحي مقصدن لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ خاص ڪري پنجاب ڪوآپريٽو بورڊ فار ليڪوڊيشن جي انتظام هيٺ ملڪيتن کي عوامي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ فروغ نسيم، عثمان بوزدار، محمد اسلم بروانا، محمد بشارت راجا، يوسف نسيم، کوکر ۽ ٻيا سينيئر آفيسر شريڪ ٿيا وزيراعظم کي پنجاب صوبي ۾ سرڪاري ملڪيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ تي تفصيلي ڄاڻ ڏني ويئي. وزيراعطم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي معيشت ۽ وسيلن جو وڏو حصو ٻاهريون قرض لاهڻ ۾ لڳي وڃي ٿو اتي ماضي ۾ سرڪاري ملڪيتن کي بهتر نموني سان استعمال ۾ نه آڻڻ مجرماڻي غفلت هئي هن چيو ته موجوده حڪوتم پاليسي طور تي پرعزم آهي ته سرڪاري ملڪيتن کي عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻي ۽ ان مان ٿيندڙ آمدني کي معاشي عمل تيز ڪرڻ ۽ نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ خرچ ڪري وزيراعطم پي سي بي ايل انتظاميه ۽ پنجاب جي قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته اداري جي ملڪيتن سان لاڳاپيل ڪيسن جي جلدن فيصلن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن ۽ ان ڏس ۾ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.