ادارن ۾ ٽڪراءُ نه ٿيو،پرڏيهي دشمنن توڙي ملڪي مافيا کي مايوسي ٿي آهي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ادارن جي تصادم سان ملڪ ۾ عدم استحڪام آڻيندڙن کي شڪست ٿي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اڄ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڏسندڙن جي لاءِ مايوس ڪندڙ ڏينهن آهي. ادارن ۾ تصادم نه ٿيو، ٻاهرين دشمنن، اندروني مافياز کي خصوصي طور مايوسي ٿي. ادارن ۾ تصادم سان ملڪ ۾ عدم استحڪام آڻيندڙن کي شڪست ٿيندي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي ٻاهرين دشمنن ۽ اندروني مافيا جي لاءِ به مايوسي جو ڏينهن آهي. مافيا ڦر جو مال ٻاهرين ملڪ لڪايو آهي، ڦريل دولت ٻاهر موڪليندڙ مافياز ان ڦرمار جي تحفظ لاءِ ملڪ کي غير مستحڪم ڪري رهي آهي.وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته 23 سال پهرين اسان جي پارٽي پهريون ڀيرو قانون جي بالادستي ۽ آزاد عدليا جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. پي ٽي آءِ 2007ع ۾ عدليا جي آزادي جي تحريڪ ۾ صف اول ۾ هئي ۽ آئون جي لاءِ جيل به ويس.هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جو ڀرپور احترام ڪريان ٿيو. ان جو شمار پاڪستان جي عظيم ججن ۾ ٿيندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *