اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي هميشه چيو ته هو ادارن کي بدنام نه ڪري ڇو ته جيڪڏهن ادارن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ته پاڪستان کي وڏو نقصان رسندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد جو چوڻ هو ته نواز شريف ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته تحريڪ عدل ڇا آهي، ائين ته ناهي ته نواز شريف تحريڪ انصاف جي مقابلي ۾ تحريڪ عدل پارٽي بڻائي رهيو آهي، نواز شريف کي هميشه چيو ته ادارن کي بدنام نه ڪري. پارليامينٽ وڏو ادارو آهي جنهن کان سمورا ادارا رهنمائي وٺندا آهن، هن کي حڪومت ۽ ادارن ۾ تڪرار نظر ايندو آهي تنهن هوندي سمورن معاملن کي ويهي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ادارن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ته پاڪستان کي وڏو نقصان پهچندو. اسان جي خواهش اهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿين. خورشيد شاهه چيو ته آرمي چيف جي پارليامينٽ آمد ۽ سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ معمول جي ڳالهه آهي، اها ڪا انوکي شئي ناهي، جنرل (ر) راحيل شريف به پارليامينٽ کي بريفنگ ڏئي چڪو آهي، عسڪري اختيارين جي بريفنگ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ خوشي ڏيندڙ ڳالهه آهي.