ادارن خلاف زهر اوڳاشي دشمن خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شبلي فراز

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ادارن خلاف زهر اوڳاڇي دشمنن کي خوش ڪرڻ واري ناپاڪ ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي قيادت اهو نه سمجهي ته اياز صادق جي بيان وارو مامرو پسمنظر ۾ هليو ويندو، عوام جلسن ۾ ملڪ دشمن بيانيي ۽ مزارِ قائد جي بيحرمتي جو حساب وٺندو، پنجاب جي سُڌ سماءَ واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته مِيم ليگ جي ماڻهن شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، رڳو عوام جي همدردي وٺڻ لاءِ خانداني اتحاد ڏيکاريو پيو وڃي، احتساب جو عمل تيز ٿيندي ئي شريف خاندان جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي، شريف ڪٽنب کي جيل ۾ تڪليف ۽ لنڊن ۾ شفا ملندي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *