ادارا پوئتي هٽيا ته جعلي حڪومت 24 ڪلاڪ به نه هلندي: مريم

سوات (بيورو) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي عمران خان جي پويان ادارا هٽي ويا ته ان جي جعلي حڪومت 24 ڪلاڪن نه هلي سگهندي.سوات ۾ ن ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پاڪستان جي وڏن وڏن مسئلن جو هڪ ئي علاج آهي ته عمران خان ۽ ان جي جعلي حڪومت کي گهر موڪليو، هن ملڪ ۾ فري اينڊ فيئر نيون چونڊون ڪرايو ۽ عوام جي حقيقي نمائندن کي انهن جا اختيار واپس ڪيو ۽ انهن کي مينڊيٽ ڏيو.هن چيو مان ادارن کي چوان ٿي ته عمران خان جي پويان هٽي وڃو، ڇو ته اسان ادارن سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون ۽ ادارن کي به گهرجي ته عوام سان نه ٽڪرائن، تنهن ڪري عوام ۽ ان جعلي عمران خان جي وچ مان هٽي وڃو، جڏهن توهان ان جي پويان هٽي ويندئو ته مان خاطري ڪرايان ٿي عمران خان جي جعلي حڪومت 24 ڪلاڪن نه هلي سگهندي.سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ منهنجو دَر ٽوڙيو ويو، ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪيو ويو ته ان کي خبر ئي نه هلي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، عمران خان کي ڪنهن ٻڌائڻ جي لائق به نه سمجهيو، وزيراعظم آرام سان بني گالا جي گهر ۾ سُمهي رهيو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *