اخلاقياتي ڪميٽي آڏو ثبوت پيش ڪنديس: عائشه گلالئي
August 8, 2017 at 8:15 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ ايم اين اي عائشه گلالئي چيو آهي ته مون عمران خان کي چيو هو ته هو معافي وٺي ٿو ته کيس معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ هو ڪميٽي آڏو خوار ٿيڻ کان به بچي ويندو. جيو ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون برائي کي زبان سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، مون وٽ ثبوت آهن ڪميٽي ٺهڻ تي پوئتي نه هٽي آهيان، ان جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن سان مون کي ڏک ٿيو، ڪڏهن چون ٿا ته 5 ڪروڙ، 50 ڪروڙ ان معاملي تي کين هرجاڻي جو نوٽيس موڪلينديس، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي مون تي حملا ٿي رهيا آهن، ڪميٽي ۾ کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو.023041