ڪراچي: (م ڊ) : سنڌ حڪومت ۽ پوليس اختيارين وچ ۾ اختيارن جي حاصلات جي جنگ سختي اختيار ڪري وئي، آءِ جي سنڌ ڪليم امام صوبائي حڪومت کي انتباهي خط لکي ڇڏيو، جيالن جي سرڪار سنڌ پوليس ۾ اختيارن لاءِ مشرف دور جو پوليس آرڊر بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جي مقرري ۽ بدلي جو اختيار ڪنهن جو هجي، سنڌ پوليس ۽ صوبائي حڪومت آمهون سامهون اچي ويون، سنڌ حڪومت پوليس اختيارن جي فوري حاصلات لاءِ مشرف دور جي پوليس آرڊر کي بحال ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.وڏي وزير مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس ۾ واضح ڪيو ته پوليس حڪومت کي جوابده آهي، قانونسازي اسيمبلي جو ڪم آهي، مجوزا پوليس آرڊر 2002ع جي تحت پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ ڪارروائين کي حڪومت جي جوڙيل پبلڪ سيفٽي ڪميشن مانٽر ڪندي. مقرري ۽ بدلي به حڪومت ڪندي، پوليس آرڊر 2002ع جو ترميمي مسودو سنڌ اسيمبلي جي جاري سيشن ۾ ئي آندو ويندو.آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام به اختيارن جي آزادي کسجڻ تي سنڌ حڪومت کي انتباهي خط لکي ڇڏيو، گهرو سيڪريٽري جي نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پوليس جا انتظامي ۽ آپريشنل اختيار آءِ جي کي حاصل آهن.پوليس سربراهه صوبائي حڪومت کي مشورو ڏنو ته هو آءِ جي جي انتظامي خودمختياري ۽ آزادي کي يقيني بڻائين، نبيهه ڪئي ته سنڌ ۽ حڪومت جي مفاد ۾ آهي ته پوليس جو ڪوبه قانوني عدالتي فيصلي جي خلاف نه هجي.