ڪراچي (اسٽاف رپورتر سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ مقرر اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽرن جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات کاتي جو سيڪريٽري احمد بخش ناريجو جيڪو موڪل تي هو، پورهئي کاتي جو سيڪريٽري رشيد سولنگي ڊائريڪٽر جنرل منصور احمد شيخ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن زينت جهان، ڊائريڪٽر ايڊمن و اڪائونٽس سليم خان، ڊائريڪٽر آر اينڊ آر ثناءُالله راڄڙ ڊائريڪٽر پريس، اختر سوريو ۽ ٻيا ڊائريڪٽر شريڪ ٿيا ۽ کاتي جي مختلف شعبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس جي صدارت ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته توهان سڀ منهنجي ٽيم جا حصو آهيو ۽ اسان کي گڏجي ڪري کاتي جو ڪم ڪرڻو ۽ مسئلا حل ڪرڻا آهن اسان جو سعيد غني صاحب جيڪو اڳوڻو اطلاعات کاتي جو وزير هو هن اطلاعات کاتي کي بهترين انداز ۾ هلايو انهي بنياد تي هن کي تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو آهي اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان ان جي ڪيل مثبت اپائن کي اڳتي آڻيون ۽ ڪم ۾ تيزي آڻيون. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اخبارن کي اشتهارن جي ورهاست وارو عمل وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو هن هدايت ڏني ته سنڌ جي سمورن صوبائي کاتن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا وڃن ته جيئن حڪومت ترقياتي ڪم ۽ غلط خبرن جي وقت تي تشهير ۽ ترديد ڪئي وڃي هر کاتي ۾ 2015 جي اشتهار پاليسي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي. ان موقعي تي هن کي ٻڌايو ويو ته 74 اخبارن کي رد ڪرڻ لاءِ مختلف ڊپٽي ڪمشنرز کي چيو ويو آهي پريس ڪلب کي قانون جي مطابق گرانٽ ڏني ويندي. ٻئي پاسي صوبائي وزير چيو ته اخبارن کي اشتهار ڏيڻ وقت ميرٽ جو خيال رکيو وڃي هن چيو ته صوبائي ڪابينا جي فيصلن جي روشني ۾ گريڊ 1 کان 4 گريڊ تائين مقامي ماڻهن جي مقرري جلد کان جلد ڪئي وڃي گريڊ 5 کان 15 جي آسامين لاءِ ٽيسٽ آئي بي اي کان ڪرائي مقرري عمل ۾ آندي وڃي. هن هدايت ڏني ته اخبارن جون بقايائون شفاف طريقي سان ڪليئر ڪيون وڃن. اجلاس ۾ مختلف شعبن جي ڊائريڪٽرن صوبائي وزير کي پيش ايندڙ مسئلن بابت آگاهه ڪيو جنهن تي صوبائي وزيرچيو ته آفيسرن لاءِ گاڏيون ۽ آفيس ۾ گهٽتائي کي جلد پورو ڪيو وڃي ۽ ترقي جي انتظار ۾ ويٺل آفيسرن ۽ عملي کي ترقيون جلد ڏنيون وڃن. هن کاتي جي آفيسرن کي پيشورانه تربيت ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته ان لاءِ جلد لائح عمل ترتيب ڏنو ويندو. آخر ۾ سمورن ڊائريڪٽرن اجلاس جي انعقاد ۽ انهن جي مسئلي ٻڌڻ تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اطلاعات کاتي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهڙي ميٽنگ وقفي وقفي سان ٿيندي رهندي ته جيئن اطلاعات کاتي جا مسئلا گهٽ ٿي سگهن.