احسن اقبال سي پيڪ اٿارٽي جي آرڊيننس کي قانون جي خلاف قرار ڏيئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال سي پيڪ اٿارٽي جي آرڊيننس کي قانون جي خلاف قرار ڏيئي ڇڏيو هڪ بيان ۾ هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽي جو قيام غيرقانوني ۽ پارليماني ڪميٽين جي سفارشن جي خلاف آهي رد ڪيون ٿا هن چيو ته قومي اسيمبلي جي سي پيڪ ڪميٽي گڏيل طور تي سي پيڪ اٿارٽي جي مخالفت ڪئي هئي هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽي کي آرڊيننس جي ذريعي نافذ ڪري ان قومي رٿا کي هٿ کان وٺي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش آهي هن چيو ته سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو مقصد سولين ادارن تي عدم اعتماد آهي هن چيو ته صدر کي پيغام ڏنو هو ته مجلس قائمه مخالفت ڪئي پوءِ به هن آرڊيننس جاري ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *