اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته احسان الله احسان جو معاملو قانون مطابق اڪلايو ويندو لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان فيصلو ڪري چڪا آهن جڏهن ته بچاءُ واري وزارت ئي بهتر جواب ڏيئي سگهي ٿي اسلام آباد ۾ کير ڏيندڙ جانورن کي صحت لاءِ هاڃيڪار انجيڪشن لڳائي وڃي ٿي جمعي تي سوالن جي وقفي دوران سينيٽر فرحت الله بابر جي سوال جي جواب ۾ طلال چوڌري چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ جماعت الاحرار جي ترجمان احسان الله احسان جو معاملو قانون مطابق اڪلايو ويندو لاڳاپيل ادارو ان حوالي سان فيصلو ڪري چڪو آهي جڏهن ته ان حوالي سان بچاءُ واري وزارت ئي جوڳو جواب ڏيئي سگهي ٿي هن ايوان جو حق آهي ته ان کي صحيح ڄاڻ ڏني وڃي پشاور هاءِ ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ڇهين صاحبزاده عمر خان جي پيءُ جي درخواست تي مجاز عملدارن کي هدايتون ڏنيون ويون آهن ته اهي عدالتي حڪمن ۽ مناسب جاچ کان سواءِ احسان الله احسان کي آزاد نه ڪن