احد چيما جي گرفتاري تي پنجاب حڪومت جا الزام بي بنياد آهن: نيب

لاهور ( م ڊ) قومي احتساب بيورو لاهور ڊويزن اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي گرفتاري بعد پنجاب حڪومت طرفان هنيل الزامن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته احد چيما سبب حڪومت کي 455 ملين ليڪو ڊيشن نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته آشيانه اقبال ۾ دير سبب لاڳت جو ڪاٿو به وڌي چڪو آهي. ترجمان موجب هائوسنگ اسڪيم جي 20 ايڪڙ ايراضي احد چيما لاهور ڪينت ۾ حاصل ڪئي جيڪا سندس ڀاءُ، احد چيما، ڀيڻ سعديه منصور ۽ سئوٽ جي نالي تي آهي. نيب ترجمان چيو ته ايل ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل احد چيما 2015ع ۾ بسم الله انجنيئرنگ کي ٺيڪو ڏنو ۽ اها ڪمپني چوٿين درجي جي ڪمپني هئي جيڪا 15 ڪروڙ رپين تائين ڪم جي اهل هئي. ترجمان موجب بسم الله انجنيئرنگ وٽ 90 سيڪڙو شيئرز هئا جڏهن ته اسپارڪو ۽ چين فرسٽ ميٽالوجيڪل گروپ وٽ وٽ رڳو 10 سيڪڙو شيئر هئا ۽ ٽنهي ڪمپنين جي جوائنٽ وينچر کي 24 مارچ 2015ع تي ڪم جو ٺيڪو ڏنو ويو. نيب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ 61 هزار شهرين درخواستون جمع ڪرايون، شهرين الاٽمينٽ لاءِ تقريبن 6 ڪروڙ رپيه پراسسنگ فيس به جمع ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *