اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي ڀلائي لاءِ نظام ۾ بهتري آڻڻ چاهيون ٿا، احتساب ۽ ميرٽ ئي نظام ۾ بهترين آڻڻ جا اصول آهن، ڪامورا شاهي کي سياسي مداخلت کان بچائڻ چاهيون ٿا، ڪي پي ۾ انتظامي تبديلن سبب گورننس ۾ بهتري آئي آهي. سول سروس ريفارمز ٽاسڪ فورس اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ سول سروس خطي جي بهترين سروس هئي، ماضي ۾ خطي جي ٻين ملڪن جا ماڻهو اسان وٽ سکڻ ايندا هئا. هن چيو ته سياسي مداخلت سبب سول سروس جو زوال شروع ٿيو، اسان نيڪ نيتي سان سڌارن جي ايجنڊا اڳتي کڻي آيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سول سروس کي سياسي مداخلت کان بچائڻ لاءِ سياستدانن جي ٽريننگ به ضروري آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت جو مشن آهي ته بيورو ڪريسي کي سياسي مداخلت کان روڪيو وڃي، اها مقرري رڳو ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي، ڪي پي ۾ اسان جي حڪومت سروس جي انتظامي ڍانچي ۾ تبديليون آنديون، تبديلين سبب ڪي جي گورننس ۾ بهتري آئي آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سول سرونٽس کي اجائي تنگ ڪرڻ سان ڪم بند ٿي ويندو آهي، پوسٽ تي نوڪري جي مدي کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن ڊليوري ۾ تسلسل قائم رهي، سرڪاري ادارن جي بورڊ ۾ سٺي شهرت ۽ اهل ماڻهن کي شامل ڪيو پيو وڃي، تعليم ۽ صحت جا شعبا کان وڌيڪ اهميت رکندڙ آهن، وسيلن جي زيان کي روڪڻو پوندو.