اسلام آباد (بيورو ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ محترم جج محمد ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيا اسٽيل مل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. احتساب عدالت ۾ نيب پراسيڪيوٽر واثق ملڪ جا دليل شروع ٿيندي ئي نواز شريف روسٽرم تي اچي ويو، هن چيو ته وڪيل صاحب ڇا چوڻ چاهي ٿو مان ٻڌڻ چاهيان ٿو. نيب ٻڌڻي جي شروعات تي چيو ته قطري خط بابت ڳالهائيندس، قطري لکيو پاڪستان قانون موجب جاچ ۾ شامل نه ٿيندس، قطري لکيو ته ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ٿيندس.واثق ملڪ چيو ته 1980 جي معاهدي تي واجد ضياءَ جو بيان پڙهندس، محترم جج پڇاڻو ڪيو ته رڪارڊ ۾ طارق شفيق 6 ملين ناهي لکيو؟ جنهن نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته نه رڪارڊ ۾ 7 ملين لکيل آهي. هن چيو ته قطري پاڪستان اچڻ، بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪيوهو ، نواز شريف چيو ته حقيقت ۾ ڳالهه ٻي آهي، ۽ ڪنهن ٻئي انداز ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته منهنجا حتمي دليل جاري آهن، جڏهن اوهان جو وارو اچي ته ڳالهايو، جنهن بعد عدالت نواز شريف کي وضاحت ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، جج ارشد ملڪ چيو ته خواجه حارث عدالت کي ٻڌائيندو. واثق ملڪ چيو ته 2001 ۾ حسين نواز پنهنجي ڏاڏي جي سهڪار سان ڪاروبار شروع ڪيو، 2006 ۾ العزيزيه اسٽيل مل کي وڪرو به ڪيو ويو . هن چيو ته 2001 ۾ العزيزيه اسٽيل ٺاهي وئي ته هن جي پاڪستان ۾ ڪاروبار کي مدد نه ملي، حسين نواز موجب العزيزيه لاءِ دبئي مان مشينري گهرائي وئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ايم ايل اي جي جواب کي هڪ پاسي رکون ۽ جواب هڪ پاسي رکو تڏهن به جوابدار جي بيان ۾ ڪئي تضاد آهن. واثق ملڪ چيو ته حسين نواز جي انٽرويو، سپريم ڪورٽ ۾ موقف ۾ تضاد آهي، انٽرويو ۾ چيو ته ويو ته سعودي بئنڪن مان قرض وٺي العزيزيه جا بنياد وڌا ويا، العزيزيه لاءِ ورتل قرضن جا تفصيل فراهم نه ڪيا ويا. هن چيو ته قطري خط سان گڏ پيش ڪيل شيٽ جو سپورٽنگ رڪارد ناهي، ورڪ شيٽ رڳو مني ٽريل جي خال کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي وئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار چيو هو ته اسان پان کي احتساب لاءِ پيش ڪريون ٿا، جوابدار پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪرڻ جو چئي دستاويز جمع ڪرايا. واثق ملڪ چيو ته جڏهن جاچ ٿي ته خبر پئي ته جوابدارن جا سمورا دستاويز ڪوڙا هئا، نواز شريف، حسن ۽ حسين نواز پاڻ کي دستاويزن کان الڳ نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته آلدار آڊٽ ٻنهي ٻئي رپورٽون حسين نواز پاڻ پيش ڪيون، جوابدارن رپورٽ ۾ لڳل ڪنهن به دستاويز کي چئلينج ناهي ڪيو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪنهن به جاءِ جوابدارن ناهي چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ دستاويز ڪوڙا آهن، جوابدارن رپورٽ ۾ لڳل سمورن دستاويز، بيانن کي تسليم ڪيو آهي. واثق ملڪ چيو ته جوابدارن جو العزيزيه جي قيام بابت موقف تبديل ٿيندو رهيو، جوابدارن چيو ته پراڻي مشينري آڻي ڪاروبار جي شروعات ڪئي. هن چيو ته جوابدارن پڻ چيو ته حسن نواز جي ڏاڏي سندس لاءِ 5.4 ڊالرن جو انتظام ڪيو، انهن ڳالهين ڪٿي به ڪو به ڪاغذي ثبوت موجود ناهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته دستاويز جوابدارن جي ئي ملڪيت هئا کين ئي فراهم ڪرڻا هئا، سعودي عرب کان اسان ايم ايل اي پڇو پر جواب نه ڏنو ويو. واثق ملڪ چيو ته ڏاڏي جي زماني جا دستاويز 1970 جا آهن پر پنهنجي زماني جا دستاويز ناهن، جوابدارن طرفان دستاويز نه ڏيڻ باوجود حقيقتون سامهون اچي ويون. هن چيو ته هل ميٽل اسٽيبلشمنٽ پهريون ڀيرو آلدار آڊٽ رپورٽ ذريعي سامهون آئي، حسن نواز هڪ آڊٽ رپورٽ عدالت ٻي جي آءِ ٽي ۾ پيش ڪئي. جج ارشد ملڪ چيو ته جوابدار جي وڪيل پنهنجي آڏي پڇا ۾ آلدار رپورٽ کي تسليم ناهي ڪيو، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ سي پي 29 نواز شريف خلاف داخل ڪئي وئي هئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس ۾ ئي حسين نواز اهي دستاويز جمع ڪرايا، سمورن شاهدن جا پاڻ ۾ رابطا آهن ، هي پاڻ کي ڌار نٿا ڪري سگهن. واثق ملڪ چيو ته نواز شريف جي درخواست آلدار رپورٽ تي اعتراض ناهي ڪيو ويو، بنا نالي واري ڪيس ۾ ڏٺو ويندو آهي ته اثاثن جو اصل فائدو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. هن چيو ته پيش ڪيل رڪارد مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته منافعي جو وڏو حصو نواز شريف ڏانهن منتقل ٿيو. جنهن بعد عدالت نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.