احتساب عدالت جي فيصلي کي رد ڪيون ٿا: مسلم ليگ ن

اسلام آباد(بيورو) احتساب عدالت جي فيصلي بعد مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن(ر) محمد صفدر چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا. اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائندي مريم نواز کي 7 سال ۽ ڪيپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا جو حڪم ڏنو. جنهن بعد هو چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا. مريم نواز ٻن تڪن تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهي هئي، هوءَ قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 127 ۽ پنجاب جي اسمبلي جي سيٽ پي پي 173 لاءِ ميدان ۾ لٿل هئي ۽ عدالتي فيصلي بعد هاڻ انهن جا ڪوررنگ اميدوار چونڊ وڙهندا. مريم نواز کي اين اي 127 تان تحريڪ انصاف جي جمشيد اقبال، پيپلز پارٽي جي چوڌري عدنان سرور ۽ متحدا مجلس عمر جي راشد احمد خان  سميت 9 اميدوارن سان مقابلو ڪرڻو هو. اهڙي طرح ڪيپٽن(ر) صفدر کي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 14 مانسهرا2 تان چونڊن ۾ حصو وٺڻو هو، جيڪو هاڻ چونڊ ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي، هن جو ڪورنگ اميدوار هاڻ ان سيٽ تي چونڊ وڙهندو. ان تڪ تي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جو مقابلو پاڪستان تحريڪ انصاف جي زرگل خان ۽ متحدا مجلس عم جي مفتي ڪفايت الله سان هو، جڏهن گڏيل طور تي ان تڪ تان 11 اميدوار ميدان ۾ لٿل هئا جنهن ۾ 4 آزاد اميدوار پڻ شامل هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *