اسلام آباد: (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ترجمان موجب جج ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروقي جي هدايت تي رجسٽرار قانون واري وزارت کي خط لکي چيو آهي ته جج ارشد ملڪ جون خدمتون واپس ورتيون وڃن. ارشد ملڪ کي ڊيپوٽيشن تي احتساب عدالت ۾ جج مقرر ڪيو ويو هو. هاڻ سندس خدمتون واپس پنجاب جي حوالي ڪيون وينديون. ان فيصلي کان ڪجهه دير اڳ جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪينڊل تي چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي خط لکي مريم نواز جي الزامن جي ترديد ڪئي هئي ۽ ان کي بي بنياد قرار ڏنو هو. احتساب عدالت اسلام آباد جي جج محمد ارشد ملڪ وڊيو معاملي تي رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان ملاقات ڪئي ۽ عدالت سڳوري جي نالي سان هڪ خط ان جي حوالي ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ترجمان موجب جج ارشد ملڪ خط اندر وڊيو ۾ لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي. ارشد ملڪ (ن) ليگ جي ڌمڪين ۽ نوازشريف جي حق ۾ فيصلو ڏيڻ جي لاءِ رشوت جي آڇ بابت به خط ۾ ذڪر ڪيو آهي. ارشد ملڪ خط سان گڏ آچر تي جاري ڪيل پريس رليز به لڳائيندي حلفيه بيان به جمع ڪرايو آهي.رجسٽرار چيف جسٽس عامر فاروق سان ملاقات ڪري کيس جج ارشد ملڪ جي خط ۽ حلفيه بيان بابت به آگاهه ڪيو. جسٽس عامر فاروق احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي خط جو جائزو وٺڻ کان پوءِ کيس عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قانون ۽ انصاف وزاري وزارت کي به خط لکي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته جج ارشد ملڪ جي خط ۽ حلفيه بيان کي نوازشريف جي سزا جي خلاف اپيل جي رڪارڊ جو حصو بڻايو وڃي. جسٽس عامر فاروق جي حڪم تي فوري طور تي عمل ڪندي رجسٽرار خط ۽ حلفيه بيان کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو.ذريعن موجب احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2 کان 3 دفعا طلب به ڪيو هو ۽ ان کان وڊيو جي حوالي سان پڇاڳاڇا به ڪئي هئي. ذريعن موجب جج ارشد ملڪ کان ناصر بٽ کان علاوه مسلم ليگ(ن) جي ٻين ماڻهن سان ملاقات جي حوالي سان پڇيو ويو پر هو جسٽس عامر فاروق کي پنهنجي جواب کان مطمئن نه ڪري سگهيو هو.