احتساب عدالت آصف زرداري سميت سمورن جوابدارن کي 8 اپريل تي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽ ۽ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي اٺ اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.  احتساب عدالت جي جج محمد ارشد ملڪ سمورن جوابدارن کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت فريال ٽالپور، حسين لوائي، انور مجيد، زين ملڪ، نمر مجيد ۽ ڪمال مجيد سميت سمورن جوابدارن کي اٺ اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.  احتساب عدالت جي جج محمد بشير آصف زرداري خلاف ڪيس ٻي عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس جو ريڪارڊ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي. جاچ پڙتال مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس ٻئي عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *