اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن سڀ کان وڏو مسئلو آهي ۽ احتساب جي بنا ملڪ نه ٿو بچي سگهي.اسلام آباد ۾ سول سرونٽس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪڏهن پاڪستان کي ايتريون چيلينجز نه هيون جيتريون اڄ آهن، اسان قرضن تي هر روز 6 ارب روپيا وياج ادا ڪري رهيا آهيون، پاڪستان تي 30 هزار ارب قرض آهي.هن چيو ته سياستدانن، عوام ۽ بيورورڪريسي کي پاڻ کي بدلائڻو آهي، جيڪڏهن پاڻ کي تبديل نه ڪنداسين ته ترقي نه ڪنداسين، ڪابه شئي دنيا ۾ ناممڪن ناهي، ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ لاءِ انسان کي پاڻ کي بدلائڻو پوندو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان وٽ ملڪ هلائڻ لاءِ پئسو ناهي، اسان جيڪو قرض ورتو اهو بهتري بدران ان مان اهڙا پروجيڪٽ ٺاهيا ويا جيڪي نقصان ۾ پيا وڃن، اورنج ۽ ميٽرو منصوبن جا انگ اکر ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ سامهون آيا، انهن پروجڪيٽ تي قرض ورتل آهن ۽ وياج ڏئي رهيا آهيون، ان سان وڌيڪ نقصان ڪري رهيا آهيون.عمران خان چيو ته جڏهن کان ملڪ آزاد ٿيو تڏهن کان حڪمران طبقي جو مائنڊ سيٽ تبديل نه ٿيو، انگريزن هندوستان جي پئسن سان شاهاڻي زندگي اختيار ڪئي هئي، اسان جي حڪمران طبقي غريب جي پئسي تي عياشي ڪئي.