احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي:شهريار آفريدي

اسلام آباد (بيورو) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي قومي اسيمبلي ميمبرن کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ قوم کي جلد خوشخبري ڏينداسين. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته ايوان ۾ ويٺل سڀني ميمبرن جي ايجنڊا انسانيت آهي، انسانيت ۽ روين جي نگراني جي ذميواري به ايوان جي آهي، تنهن ڪري انسانيت کي عزت ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته انسانيت سان جڙيل سمورن مذهبن ۽ فرقن کي پنهنجي عقيدي سان محبت آهي، هاڻوڪين حالتن ۾ سڄي قوم جي گڏجڻ سان ئي مسئلا حل ٿيندا. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن قوم کي خطاب ۾ رڳو هڪ پيغام ڏنو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي ۽ اهو ئي نياپو هن ايوان مان سڄي دنيا کي ملڻ گهرجي. شهريار آفريدي موجب مسجد، مندر ۽ ٻين مقدس هنڌن جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي، ڪنهن کي به ڪنهن کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي، ڪير ڪنهن کي ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته الله کي مڃيندڙ دنياوي بتن اڳيان ناهي جهڪندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته فيصلو حق ۾ اچڻ سان مٺايون ورهايون وڃن ۽ خلاف اچي تي عدالتن تي تنقيد ٿئي. هن چيو ته رستا بند ڪرڻ جي معاملي تي سمورن قانون لاڳو ڪندڙ اداران سان رابطي ۾ آهيون، فيصلو ٿيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملي جو حل ڪڍيو وڃي پر جيڪڏهن ڪير سوچي ٿو ته ڪلهو استعمال ڪري مقصد حاصل ڪندو ته ائين نه ٿيندو. مملڪتي گهرو وزير جي بقول وزيراعظم جي هدايت تي سڀني پارٽين جي نمائندن سان مليا آهيون، اپوزيشن سان گڏجي مسئلن جو حل ڪڍنداسين، ملڪ ۾ امن هوندو تڏهن ئي سڀ پارٽيون سڪون سان سياست ڪري سگهنديون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *