اتر وزيرستان جي ٻن علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز طرفان ڪارروايون 11 جنوري تي ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي دوسيلي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ عام شهرين تي حملن ۾ ملوث آهن.
آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.