اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪاررواين ۾ ست دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ٻه مختلف ڪارروايون ڪيون آپريشن دورنا هڪ جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
سڪيورٽي فورسز 10 ۽ يارهن ڊسمبر تي اتر وزيرستان ۾ ٻن مختلف هنڌن تي دهشتگرد خلاف ڪارروايون ڪيون.
آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه ۾ ڪيل ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، ٻي ڪارروائي اسپن وام واري هنڌ ٿي، جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.