آپريشن ردالفساد: 24 ڪلاڪن ۾ 29 آپريشن، 9 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سڪيورٽي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 29 آپريشن ڪيا آهن، آپريشن ردالفساد دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڳجهن اطلاعن تي به 12 آپريشن ڪيا ويا، آءِ ايس پي آر موجب پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڳجهن اطلاعن تي 12 آپريشن ڪيا ويا، سرچ ۽ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشنز ۾ 9 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، آپريشن بهاولپور، رحيم يار خان، لوڌران، پاڪپتن ۾ ڪيا ويا، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا 5 دهشتگرد مارجي ويا، ڳجهن ادارن، ايف سي بلوچستان جي علائقي گاوڪ ۽ مند ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، خيبر ايجنسي ۾ بار قمبر خيل ۽ باڙا ۾ ايف سي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ۾ 2 دهشتگرد شاهد ۽عبدالرزاق گرفتار ڪيا ويا، دهشتگرد علائقي ۾ وڏي دهشتگردي جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا، دهشتگردن کي سرحد پار کان حڪم ملندا هئا، آءِ ايس پي آر موجب خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن کان وڏي انگ ۾ گولا بارود هٿ ڪيو ويو اهي، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي جيگا خيل ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *