اسلام آباد(بيورو) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ماضي ۾ ٿيندڙ آپريشن جو مقصد ملڪ کي مضبوط ڪرڻ هو، جڏهن ته آپريشن ردالفساد جو مقصد آپريشن ضرب عضب جي حاصل ڪيل نتيجن کي مضبوط ڪرڻ آهي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري اداري (آءِ ايس پي آر) موجب اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي اختيارين پاران گڏيل ۲ ڏينهن وارو پاڪڏيوڪي سيمينار منعقد ڪيو، سيمينار جو عنوان “مضبوط امن جي ڪوششن جي ڏي وٺ” هو، سيمينار جو مهمان خاص آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا هو، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۲۰۰۷ع ۾ شروع ٿيل آپريشن جي اهميت بيان ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي، آرمي چيف سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ۲۰۰۷ع ۾ شروع ٿيل آپريشن ئي آپريشن ردالفساد ۾ تبيل ٿيو، ماضي ۾ شروع ڪيل آپريشن جو مقصد ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ هو، پر آپريشن ردالفساد جو مقصد ماضي ۾ ٿيل آپريشن جي نتيجن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي، پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون وڏيون قربانيون آهن، آءِ ايس پي آر موجب برطانيا جي وفد جي قيادت لفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ سينڊرز ڪئي، ان جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي قربانين نه صرف پاڪستان پر پوري خطي ۾ امن قائم ڪيو آهي.