تهران (م ڊ ) ايران جي اڳوڻي صدر محمود احمدي نجاد سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي قومي ناڻي مان هڪ ارب 90 ڪروڙ ڊالر جي ڦرلٽ جو الزام هنيو آهي. عرب ويب سائيٽ العربيا انڪشاف ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر احمدي نجاد آيت الله خامنه اي تي قومي ناڻي کي هڪ ارب 90 ڊالر جو نقصان پهچائڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته آيت الله خامنه اي جا اثاثا 2 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن ۽ اها رقم قومي ناڻي ۾ هير ڦير ڪري حاصل ڪئي وئي آهي. اڳوڻي ايراني صدر سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي تي سنگين الزام پنهنجي مضمونن ۾ هنيا آهن. هن چيو ته سرڪاري ناڻي مان ڦريل رقم مخالفن جا منهن بنبد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومتي ڪارڪردگي نهايت مايوسي واري آهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام موجوده حڪمرانن مان تنگ ٿي چڪو آهي. محمود احمدي نجاد چيو ته آيت الله خامنه اي جي ملڪيت ۾ 2 ارب ڊالر جي برابر رقم کي خرداد فائونڊيشن، بنياد مستضعفان فائونڊيشن، اسٽاڊ اجرائي فرمان امام، بنيادي سهڪار سپاهه، سهڪار ارچ، بسيج مليشيا، بچاءَ واري وزارت ۽ ڪيترن ئي ٻين ادارن جي اڪائونٽس ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته اهڙي غبن تي آواز اٿاريندڙ ۽ ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندڙن کي رياستي ادارا جيل ۾ وجهندا آهن، عوام کي اهڙي استحصال تي خاموش نه ٿو ڪري سگهجي.