نيو يارڪ (اين اين آءِ) پاڪستان چيو آهي ته آمريڪا جي ڌمڪين جي باوجود فسلطينين جي حمايت نه ڇڏينداسين، گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو گادي شهر تسليم ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي خلاف پاڪستان ۽ ٻين مسلم ملڪن جي پيش ڪيل قرارداد اڪثريت سان منظور ڪئي وئي، ان موقعي تي ملحيه لوڌي چيو ته فلسطينين جي حمايت ۽ بيت المقدس جو دفاع پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي ۽ آمريڪا پاران ڌمڪين جي باوجود پاڪستان فلسطينين جي حمايت ڪندو رهندو، اسان تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، تازو ٿيندڙ اهم معاملن تي غير معمولي رد عمل ڏيڻ ضروري ٿي ويو هو، هن چيو ته ان ٺهراءَ ذريعي سڄي عالمي برادري آمريڪا کي پيغام ڏنو ته ان جي غير قانوني قدمن جي حمايت نه ڪئي ويندي، گڏيل قومن کي عالمي پارليامينٽ جي حيثيت حاصل آهي ۽ هي اهو درست پليٽ فارم آهي جنهن جي ذريعي فلسطين جي مظلوم عوام کي پيغام ڏنو ويو ته اسان انهن سان گڏ بيٺا آهيون، ڇو ته عالمي اداري تان فلسطينين جو اعتماد ختم ٿي رهيو هو.