پيانگ يانگ (م ڊ) اتر ڪوريا پنهنجي خلاف نئين آمريڪي پابندين کي آمريڪا جو هڪ جنگي قدم قرار ڏيندي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهر ته آمريڪا ٻنهي ڪوريائي رياستن جي بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي ٻيهر خراب ڪرڻ چاهي ٿو. ڪميونسٽ ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا هڪ بيان جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ راندينن جي سرمائي اولمپڪ مقابلن ۾ ٻنهي حريف ڪوريائي رياستن جي رانديگرن جو هڪ ئي جٿي ۾ شامل ٿيڻ اهڙي خراب اڳڀرائي آهي جيڪا اتر ڪوريا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي بهتر ٿيندڙ لاڳاپن جي خبر ڏئي ٿي. اتر ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا طرفان اهو به چيو ويو آهي ته آمريڪا ڪميونسٽ ڪوريا خلاف جن نئين پابندين جو فيصلو ڪيو آهي، اهي واشنگٽن جي ان سوچ جو ثبوت آهن ته هو ٻنهي ڪوريائن جي بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي ٻيهر خراب ڪرڻ چاهي ٿو. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي بيان جو حوالو ڏيندي سرڪاري خابرو اداري لکيو آهي ته ٻنهي ڪوريائي رياستن هڪ ٻئي سان گڏ تمام سُٺي ريت سهڪار ڪيو ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ اولمپڪ مقابلا ڪامياب رهيا پر آمريڪا پيانگ يانگ خلاف نئين پابندين سان جنگ جي خطري کي هڪ ڀيري ٻيهر ٻيٽ جهڙي ڪوريا تي آندو آهي. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت موجب سيوئل ۾ سرمائي اولمپڪ مقابلن جي آخري تقريب کان ڪجهه ئي دير پهريان آمريڪا طرفان ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا خلاف نئين پابندين جو لاڳو ڪرڻ هڪ اهڙو جارحاڻو قدم آهي جنهن کي پيانگ يانگ پنهنجي خلاف هڪ جنگي قدم ئي سمجھندو.