اسلام آباد( بيورو ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين افغان پاليسي به اڳ وانگر ناڪام ٿي ويندي. پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جو موقف واضح آهي ته افغان مسئلي جو حل فوجي آپريشن ۾ ناهي، سياسي طريقي سان امن امان قائم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پهرين ڏينهن کان چئي رهيو آهي ته افغانستان ۾ فوجي حڪومت عملي نه ته پهريون ڪامياب ٿي ۽ نه وري مستقبل ۾ ڪامياب ٿيندي. سندس چوڻ هو ته سياسي ڳالهيون ئ افغان مسئلي جو حل آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين پاليسيءَ جو نتيجو به ناڪامي ئي هوندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي حمايت ڪري ٿو پر اهڙي جنگ کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ نه ڏنو ويندو.وزيراعظم شآهد خاقان عباسي سيپٽمبر تي ٽئين هفتي ۾ امريڪا ويندو. افغانستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ امريڪا جي نئين پاليسي ۽ آمريڪي حڪومت پاران پاڪستان تي الزامن کان پوءِ ٻنهي ملڪن ۾لاڳاپا گرم ٿي ويا آهن. جنهن جي ڪري پرڏيهي وزير خواجا آضف پنهنجو امريڪا جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ امريڪا جي نائب پرڏيهي وزير کي به پاڪستان اچڻ کان روڪي ڇڏيو، ذريعن موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سيپٽمبر جي ٽئين هفتي ۾ ويندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ذريعن موجب پرڏيهي وزير خواجا آصف جا به وزيراعظم سان وڃڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته وزيراعظم جا اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي سائيڊلائين ملاقات جا به امڪان آهن.