آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بادشاه ماڻهو آهي هو جيتري تيزي سان نوان فيصلا ڪري رهيو آهي اوتري ئي تيزي سان هيٺ به ويندو :منظور وساڻ

ڪنب(رپوٽر)صوبائي وزير منظور حسين وساڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بادشاه ماڻهو آهي هو جيتري تيزي سان نوان فيصلا ڪري رهيو آهي اوتري ئي تيزي سان هيٺ به ويندو ڇو ته ٽرمپ جا فيصلا سندس حمايت ۾ نه ويندا اناما ليڪس نواز شريف جي جان نه ڇڏيندو اپريل مهينو پاناما ليڪس  ملڪ جي اهم آهي سي پيڪ جي منصوبي ۾ سنڌ کي گهٽ ۽ پنجاب کي گهڻيون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن سي پيڪ ۾ سنڌ سان زيادتيون ٿيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ڪنب ڀرسان ڳوٺ ٻٻر وڏا ۾ بشير جمالي پاران ڪرايل  جلسي کي خطاب ڪندي چيو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي تاج پوشي بشير جمالي ڪئي سندس سونو تاج پارائي ان موقعي تي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ  وڌيڪ چيو ته ضلعي خيرپور ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿيڻ ڏينداسين جلد ضلعي خيرپور جي غريب نوجوان کي نوڪريون ڏنيون وينديون 2017اليڪشن جو سال آهي چئني صوبن ۾ پيپلز پارٽي ڪامياب ٿيندي ۽ وزيراعظم سنڌ جو نوجوان بلاول ڀٽو ٿيندو ان موقعي تي ضلعي چيئر مين شهريار وساڻ صوبائي اڳواڻ منور علي وساڻ ڀورو ٻٻر عطا حسين چانڊيو محمد خان ابڙونديم علي وساڻ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *