آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ خوفناڪ باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 16 ٿي ويو، جڏهن ته 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون خاڪ جو ڍير ٿيڻ سبب 2 لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ فوري طور نڪرڻ جا نوان حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، لاس اينجلس ڪائونٽي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، تيز هوائن سبب باهه پکڙجڻ جي خدشي سبب ريڊ فليگ وارننگ جاري ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ڦرلٽ جي واقعن سبب متاثر علائقن ۾ رات جي وقت ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، 12 هزار کان وڌيڪ فائر فائٽر، ساڍا 11 هزار فائر انجڻ، 60 جهاز ۽ 143 واٽر ٽينڪ باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن………..